ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون

ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون

ڇهه ڇهه پئسا ٻه ٻه پايون

ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب هند سنڌ جي ناليواري ليکڪ ڪشنچند بيوس جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ تي مشتمل آهـي، جـنهـن کـي نصـيـر مـرزا ترتيـب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف عنوانن سان ايڪيتاليهه نظم شامل آهن. هن ڪتاب جو پيـش لـفـظ غـلام ربـانـي آگــري ۽ مـهـاڳ نصير مرزا لکيو آهي. نصير مرزا لکي ٿو ته: ”نه فقط جديد شاعريءَ جو بنياد ڪشنچند بيوس رکيو هو، پر انگريزن جي دور ۾ 1843ع کان 1947ع تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ باقاعدي ٻاراڻي ادب جو بنياد جن شاعرن رکيو، انهن سڀني ۾ ڪشنچند بيوس جو نالو مٿاهين جڳهه والاري ٿو“. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ڪشنچند بيوس جو مختصر تعارف ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران جنوري 2001ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪچي جلد سان ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب 90 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 30 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو